سيتا جا سدا بهار ماڻهو

سيتا جا سدا بهار ماڻهو

سيتا جا سدا بهار ماڻهو

سيتا جا سدا بهار ماڻهو (ڪتاب): هي ڪتاب صحبت علي بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ سيتا وليج ۽ سيتا روڊ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو تذڪرو شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامور شاعر بشير سيتائيءَ لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي ڳوٺ سيتا جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب ۾ سيتا وليج، قديم تاريخي ڳوٺ سيتا ڳوٺ، پسمنظر، سيتا ڳوٺ جو تعليمي ماحول، عالم ۽ مدرس، شاعر، اديب ۽ صحافي وغيره موضوع شامل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان 126 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.
ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2004ع ۾ سرجڻهار پبليڪيشن، شاهه آباد محلي دادو، سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو